ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرتين بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته ديڳ پچايو ۽ پنهنجي ۾ ورهائي ڇڏيو، واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي نوڪريون نه هجڻ گهرجن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار چيو ته اسان کي ويٽنگ لسٽ تي رکيو ويو آهي، چيو ويو آهي ڪو رٽائر ٿيندو يا لاڏاڻو ڪري ويندو ته نوڪري ملندي.
جسٽس ظفر راجپوت چيو اها ڪهڙي ڳالهه ٿي! اميدوار هاڻ ماڻهن جي مرڻ جو انتظار ڪن، اهو نٿو ٿي سگهي ته ديڳ پچايو ۽ پنهنجي ۾ ورهائي ڇڏيو، واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي نوڪريون نه هجڻ گهرجن، ميرٽ لسٽ مان ڪڍي گهٽ نمبر وارن کي نوڪريون ڏيڻ جو ڪيس اسان ٻڌي چڪا آهيون.
جسٽس ظفر احمد وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪو مرندو ته ان جي جاءِ تي نوڪري ڏيندئو، ان ڪري ئي ته واڪ ان انٽرويو تي منع نامو جاري ڪيو آهي.
پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Previous Articleاسپورٽس اينڪر زينب عباس بابت 10 دلچسپ ڳالهيون