ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رُپئي جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر هڪ رُپيو 11 پئسا سستو ٿي 296.85 رُپين تي تي بند ٿيو.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 298 رُپيا برقرار آهي.