ڪراچي ( رپورٽر ) ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار جي خاندان ۽ هندو ڪميونٽي تي مشتمل وفد شيما ڪرماڻي سان گڏ وفد جي صورت ۾ نگران گهرو وزير سنڌ برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي پڻ موجود هو، سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز وفد کي يقين ڏياريو ته يرغمال ساگر ڪمار کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ۽ يرغمالي جي بازيابي اسان جي اولين ترجيح آهي.
آءِ جي سنڌ چيو ته جوابدارن خلاف پيشوراڻي صلاحيتن موجب قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڌرڻو هڻي ويهي رهڻ مسئلي جو حل ناهي، پوليس سان تعاون ڪريو ۽ پوليس تي اعتماد رکو، پوليس خلوص نيت سان عوام جي خدمت ڪري رهي آهي.
مغوي ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ٻين چيو ته اڳ ۾ به خاطريون ڪرايون ويون پر مغوي واپس نه ڪرايا ويا، مغوين جي حياتين کي خطرو آهي، تڪڙا قدم کڻي انهن کي آزاد ڪرايو وڃي.