ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جو چوڻ آهي ته هو زال انوشڪا شرما مان متاثر آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي تازي انٽرويوءَ دوران چوڻ هو ته کيس انوشڪا شرما ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، هوءَ سدائين حق جي ڳالهه تي قائم رهندي آهي ۽ ڪيڏو به وڏو نقصان ڇو نه ٿئي انوشڪا جي اِها صلاحيت هن کي سڀ وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.
ويرات ڪوهلي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هو جنهن هڪ شخصيت سان ملڻ چاهي پيو ۽ ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي اِهو مشهور راڳي ڪشور ڪمار هو.
ياد رهي ته ويرات ڪوهي ۽ بالي ووڊ ادڪارا انوشڪا شرما ڊسمبر 2017ع ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا.