پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) پاڪ – ڀارت مقابلي دوران قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان اسپورٽس مين اسپرٽ جو مثال قائم ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون.
ميچ ۾ ڀارت جي اننگز دوران هارديڪ پانڊيا کي جوتي جي ڪَهي ٻڌڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته گلوز سبب کيس ڏکيائي پيش آئي.
ان موقعي تي شاداب خان سندس پريشاني کي سمجهيو ۽ مدد لاءِ وٽس اچي ويو.
اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني آل رائونڊر جي اسپورٽس مين اسپرٽ کي ساراهيو پيو وڃي.
Previous Article”پاڪستانين“ کي ڪاوڙ مان ڏسو: گوتم گنڀير ڇا تي ڪاوڙجي پيو؟