پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي ٽين ميچ ۾ ڀارت خلاف پاڪستاني فاسٽ بالرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ 10 ئي وڪيٽون انهن جي حصي ۾ آيون.
پاليڪيلي ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 266 رنسن تان محدود رهي. شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف تي ٻڌل پيس اٽيڪ ڀارتي ٽاپ آرڊر جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا ۽ هڪٻئي پويان وڪيٽون وٺندا رهيا.
پاڪستاني فاسٽ بالنگ اٽيڪ اڳيان ڀارتي بيٽرن وٽ ڪو جواب نه هو، شاهين آفريدي مخالف ڪپتان روهت شرما ۽ پوءِ ويرات ڪوهلي کي شڪار بڻايو, رڳو اهي ئي نه پر هن هارديڪ پانڊيا ۽ رويندرا جديجا جون اهم وڪيٽون به حاصل ڪيون ۽ ڀارتي ٽيم کي وڏي ٽوٽل کان پري رکيو.
نسيم شاهه ۽ حارث رئوف به گهٽ نه ڪئي، انهن ٻنهي 3-3 وڪيٽون وٺي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته پاڪستاني بالنگ اٽيڪ دنيا جو مضبوط ترين بالنگ اٽيڪ آهي.
حارث رئوف جي هڪ تيز ترين بال ڀارتي بيٽر شبمن گل جي بيٽ ئي ڀڃي ڇڏي، سندس تيز رفتار بالنگ تي ڪامينٽريٽر به چُپ نه رهيو ۽ هن کيس ”فراري“ جو لقب ڏئي ڇڏيو.