تيونس جي اڳوڻي ٽينس اسٽار سليمه صفر انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي ڪوچ 12 سالن جي عمر ۾ مون سان 3 سالن تائين جنسي زيادتي ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي اخبار کي انٽرويو ۾ سليمه چيو ته 12 سالن جي عمر ۾ منهنجي ڪوچ ريگيس ڊي ڪيماريٽ 3 سالن تائين مون سان زيادتي ڪئي.
هن ٻڌايو ته هڪ ڀيرو تيونس کان واپسي تي ريگيس ڊي ڪيماريٽ مون کي ڇُهيو، جنهن تي ڪو ردعمل ڏيڻ بنا چُپ رهيس، ان کانپوءِ اسان ڪوچ جي گهر هليا وياسين، جتي ان گهر ۾ ڌيءَ جي موجودگي باوجود مون کي زيادتي جو نشانو بڻايو، پوءِ مان ڪوچ نه رکڻ جو فيصلو ڪيو.
اڳوڻي ٽينس اسٽار چيو ته ان خوفناڪ واقعي کي تسليم ڪرڻ ۾ مون کي 25 ۽ عوامي طور ان جو اظهار ڪرڻ ۾ مون کي 35 سالن جو عرصو لڳي ويو.
واضح رهي ته ريگيس ڊي ڪيماريٽ کي 2014 ۾ ٻه شاگردياڻين سان لڄالٽ جي الزام ۾ 10 ورهين جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
Next Article ڪراچي ۾ کليل گٽر وڌيڪ هڪ حياتي ڳڙڪائي ويو