چند جي ڏکڻ قطب جي سطح تي سلفر (گندرف) کي دريافت ڪيو ويوآهي.
ڀارت جي چندريان 3 مشن جي پرگيان روور چنڊ جي ڏکڻ قطب تي سلفر جي موجودگي جي تصديق ڪئي جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي عنصرن جي موجودگي جو انڪشاف به ڪيو.
واضح رهي ته 23 آگسٽ تي ڀارتي مشن ڪاميابي سان چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لٿو هو.
۽ هاڻ هڪ هفتي کان پوءِ انڊين اسپيس رسرچ آرگنائيزيشن (اسرو) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چندريان 3 جي روور ڏکڻ قطب ويجهو چنڊ جي سطح تي ڌاتن جي جاچ ڪئي.
بيان موجب ان جاچ دوران سلفر جي موجودگي جي تصديق ٿي.
ان تجربي دوران چنڊ جي سطح تي المونيم، ڪيلشيئم، آئرن ۽ ڪروميم جي موجودگي جي تصديق به ٿي.
اسرو ٻڌايو ته وڌيڪ جاچ سان manganese، سليڪون ۽ آڪسيجن جي موجودگي جو اشارو به مليو آهي.
6 ڦيٿن وارو روور چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ منجمد پاڻي جي آثارن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ سفر ڪري رهيو آهي ۽ هيل تائين ڪيتريون ئي تصويرون ۽ ڊيٽا زمين تي موڪلي چڪو آهي.
اهو روور چنڊ جي ماحول ۽ زلزلي جي سرگرمين تي به تحقيق ڪندو.
چنڊ جي ان خطي جي سطح تي سفر ڪرڻ گھڻو ڏکيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو روور 10 سينٽي ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري رهيو آهي.