اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاڻ حاضر سروس فوجي آفسر به نادرا چيئرمين جي عهدي تي مقرر ٿي سگهندو، ان حوالي سان قانون ۾ ترميم منظور ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب رولز ۾ ترميمن ذريعي ڪنهن حاضر سروس فوجي آفيسر کي به نادرا چيئرمين مقرر ڪري سگهبو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ کان طئي قاعدن ۾ ترميم سان چونڊيل ماڻهن جي مقرري نه ٿيڻ جو خدشو آهي.
نادرا چيئرمين جي عهدي تي ڊيپوٽيشن يا سيڪنڊمنٽ طور تي ڪنهن آفيسر کي مقرر ڪري سگهبو.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ قاعدن ۾ ٻيو ڀيرو تبديلي ڪئي وئي آهي.