دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم چيو آهي ته ڪاميابي پاڪستان جي عادت بڻجي وئي آهي، ان ٽيم سان مقابلو هاڻ ڀارت سميت ڪنهن به ٽيم لاءِ سولو نه هوندو.
دبئي ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته پاڪستان ٽيم ۽ مئنيجمينٽ نوان طريقا آزمائي رهي آهي، جنهن تحت ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ نون رانديگرن، ايتري تائين جو نئين ڪپتان کي به آزمايو ويو، هاڻ پاڪستان ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، ان ٽيم جو مقابلو ڪرڻ ڀارت سميت ڪنهن لاءِ به آسان نه هوندو، ڇو ته پاڪستان کي ڪاميابي جي عادت بڻجي وئي آهي.
هن چيو ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم ٽيمون آهن، جن کي سڄي دنيا مان شوقينن جي سپورٽ هوندي آهي، سڄي دنيا جون انهن تي نظرون هونديون پر ٻين ٽيمن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته گذريل ڀيري سريلنڪا ايشيا ڪپ کٽيو ۽ ٻيون ٽيمون به ايشيا ڪپ کيڏڻ آيون آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بابر اعظم رائيٽ ٽريڪ تي آهي، ڪپتاني سکي رهيو آهي ۽ پرفارمنس ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ٽيم جي ڪارڪردگي ڏسي به لڳي ٿو ته هڪ مڪمل ٽيم آهي، ٽيم متحد آهي.
پاڪستان سان مقابلو هاڻ سولو ناهي، وسيم اڪرم ڀارت سميت سڀني کي خبردار ڪري ڇڏيو
Previous Articleايشيا ڪپ 2023: افغانستان جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي
Next Article ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ قومي ٽيم جي ڪٽ جو مهورت ڪيو ويو