ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ موٽر وهيڪل ترميمي بل جي منظوري ڏني وئي، بس جي اندر يا اسٽاپ تي سگريٽ ڇڪڻ، پان يا نسوار کائڻ تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ هوندو.
سنڌ جي گورنر سنڌ موٽر وهيڪل ترميمي بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت بي آر ٽي بسن ۾ 5 سالن تائين جي ٻارن جو ڀاڙو معاف هوندو.
بس اسٽاپ تي پان يا نسوار کائڻ تي 1000 رپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو، جڏهن ته جيڪڏهن ڪو سگريٽ ڇڪيندو ته ان تي به هڪ هزار رپيا ڏنڊ لڳندو.
Previous Articleقمبر: ٻه ڀينرون پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري فوت
Next Article ڪراچي ۾ ڪنڊيڪٽر هلندڙ بس تان ڪِري فوت