هڪ آمريڪي عورت سڀ کان ڊگھي ڏاڙهي رکڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، عورت وارن جي غير معمولي واڌ سبب ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا شيو ڪندي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب ڏاڙهي رکندڙ عورت ايرن هني ڪٽ جي عمر 38 سال آهي. هن 11.8 انچ (30 سينٽي ميٽر) ڊگھي ڏاڙهي رکي رڪارڊ قائم ڪيو.
هارمونز جي عدم توازن جو شڪار ٿيڻ سبب وار گھڻا وڌندا آهن.
ايرن کي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا شيو ڪرڻ پوندي هئي جنهن کان تنگ اچي هن ائين ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
هوءَ 13 ورهين جي عمر کان شيو ڪري رهي هئي.