ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي نه رڳو سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو پر ون ڊي رينڪنگ ۾ به پهرين پوزيشن ماڻي ورتي.
ڪولمبو ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان محمد رضوان 67 ۽ ڪپتان بابر اعظم 60 رنسن جي شاندار کيڏي، آغا سلمان 38، محمد نواز 30، فخر زمان 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان، افغانستان کي وائيٽ واش ڪري ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو
Previous Articleايشيا ڪپ لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان ٿي ويو