خير محمد آريجا (رپورٽ اشفاق بخاري) باقراڻي تعلقي ۾ ستين ڊجيٽل آدمشماري جو سلسلو جاري، نيٽورڪ جي خرابي سبب آدمشماري ٽيم پريشاني جو شڪار، آدمشماري جو ڪم روهڙي جو شڪار بڻجي ويو،
تفصيل موجب، پوري سنڌ جيان پهرين مارچ کان شروع ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري باقراڻي تعلقي جي 132 بلاڪن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي نظام الدين جتوئي جي نگراني ۾ آدمشماري ٽيمون پوليس اهلڪار ساڻ ڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ آدمشماري جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ته ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب باقراڻي تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ويل ٽيمون نيٽ ورڪ نه هجڻ ۽ ٽيبليٽ اپڊيٽ نه ٿيڻ ڪري ٽيمون سخت پريشاني جو شڪار ڪيترن ئي ڳوٺن جي آدمشماري جو ڪم رولهڙي جو شڪار بڻجي ويو آهي ۽ آدمشماري ٽيمون اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس باقراڻي پھچي انتظاميه کي معامري کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ان سلسلي ۾ تعلقه انتظاميه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڳوٺن ۾ نيٽ ورڪ جي نه هجڻ بابت آدمشماري ٽيمن اسان کي آگاهي ڏني آهي ۽ ان ڳوٺن ۾ آدمشماري جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي ان بابت حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون ۽ انهن ڳوٺن ۾ سڀاڻي ڪم شروع ڪيو ويندو
Previous Articleاجتمائي مسئلن لاءِ سڳين جي مختلف برادرين جي ھڪ اھم گڏجاڻي