آمريڪي صدر جو بائيڊن يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي اڻ اعلانيل دوري تي پهچي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر جو اِهو پهريون دورو آهي.
آمريڪي صدر جي دوري جي موقعي تي ڪيف ۾ هوائي بمباري جا سائرن به وڳا پر خابرو اداري موجب ڪيف ۾ روسي ميزائل يا بمباري جا اطلاع ناهن مليا
آمريڪي صدر اِهو دورو اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي ته جڏهن يوڪرين تي روس جي حملي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي
وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب بائيڊن يوڪريني صدارتي محل ۾ صدر والاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي
وائيٽ هائوس موجب صدر بائيڊن جو چوڻ هوته هڪ سال اڳ جڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو هو ته پيوٽن جو خيال هو ته يوڪرين ڪمزور آهي ۽ اولهه ورهاست جو شڪار آهي پر هو انتهائي غلط هو
آمريڪي صدر ان موقعي تي يوڪرين کي وڌيڪ پنج سئو ملين ڊالر جو نئون فوجي امدادي پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو