ٽوئيٽر کانپوءِ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جا واهپيدار به ويري فائيڊ ( يعني بليو ٽِڪ ) واري اڪائونٽ جي فيس ادا ڪندا
ميٽا جي سي ايِ او مارڪ زڪربرگ اعلان ڪيو آهي ته فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي واهيپدارن کي بليو ٽِڪ جي فيس ادا ڪرڻي پوندي
ويب تي استعمال ڪرڻ وارن فيسبڪ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ اڪائونٽ ويري فائيڊ ڪرائڻ لاءِ سبسڪرپشن سروس ماهوار يارنهن ڏهائي نانوي ڊالر کان شروع ٿيندي جڏهن ته آءِ فون واهپيدار 14.99 ڊالر فيس ادا ڪندا
ميٽا موجب سروس شروعاتي طور تي هن هفتي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ان سروس جي اڳ تصديق ٿيل اڪائونٽن ۾ ڪنهن قسم جي ڪائي تبديلي نه ايندي
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا وهپيدار فيسبڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽن جي ويري فائيڊ سبسڪرپشن لاءِ اهل هوندا
مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي ته ان فيصلي سان سوشل ميڊيا ايپس تي سيڪيورٽي ۽ تصديق ٿيل اڪائونٽن ۾ بهتري ايندي