ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پاڪستان سُپر ليگ جي ميچن لاءِ سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن
ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ايمرجنسي سروسز ڪراچي مقصود پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جي ميچز لاءِ سيڪيورٽي ڊويزن سنڌ سرڪار ۽ سمروين لاڳاپيل اختيارين جي مدد سان شوقينن جي سهولتن لاءِ هڪ گڏيل سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو آهي
هن چيو ته سيڪيورٽي اتنظامن ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ شوقينن کي داخلي دروازي تي تي سيڪيورٽي عملي طرفان سٺي نموني چيڪ ڪيو ويندو
سندس چوڻ هو ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪنهن به قسم جي ريفريشمنٽ، کاڌي پيتي جي شين، شربت، شيشو، پلاسٽڪ جي بوتلن، دٻا ۽ منشيات وارين شيون کڻي وڃڻ تي بندش هوندي
مقصود ميمڻ چيو ته ڪرڪيٽ پرستارن لاءِ سٺي خبر آهي ته نيشنل اسٽيڊيم کان پري واري پارڪنگ ختم ڪئي وئي آهي ۽ اسٽيڊيم سان لاڳاپيل چائنا گرائونڊ عام شوقينن جي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ کُليل رهندو جڏهن ته وي آءِ پي نيشنل ڪوچنگ سينٽر اندر گاڏيون پارڪ ڪندا
هن وڌيڪ چيو ته ڪار جو ڳاڙهو اسٽيڪر رکندڙ آفيشز اسٽيڊيم جي احاطي ۾ گاڏيون پارڪ ڪري سگهندا، جڏهن ته گاڏيون پارڪ ڪرڻ لاءِ تماشين کي پنهنجو اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ميچ ٽڪيٽ ضرور ڏيکارڻي پوندي