باقراڻي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن آبادگارن کي امداد ڏيڻ لاءِ خير محمد آريجا جي قلندر آباد ۾ گرلس ھاءِ اسڪول ۾ قائم سينٽر جو پ پ اگواڻ طارق انور سيال ،پ پ اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگھيو ، ۽ ٻين دور ڪيو، سينيٽر عملي کي عوام کي بھتر نموني رليف ڏيڻ جون ھدايتون ،
تفصيل موجب: موجب ، باقراڻي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن آبادگارن کي سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل في ايڪڙ پنج هزار رپيا سبسڊي ڏيڻ لاءِ خير محمد آريجا جي قلندر آباد گرلس هاءِ اسڪول ۾قائم سينٽر جو پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ، پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد علي عرف امر خان ٻگھيو ، عبدالرحمان جتوئي،ديدار جتوئي، سيد رياض حسين شاھ، بخت خان سيال،سيد شفقت حسين شاھ بخاري،سردار محسن خان آريجو، حزب الله آريجو،،محمد شفا آريجو، وارث بابر آريجو،عبدالرزاقآ آريجو ۽ ٻين دور ڪيو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ طارق انور سيال۽ محمد علي عرف امر خان ٻگھيو سينيٽر عملي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باقراڻي تعلقي جي رھيل ٻوڏ متاثرن آبادگارن پنھنجا فارم ڀري باقراڻي اسسٽنٽ ڪمشنر وٽ جمع ڪرائين جيڪي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد رھيل ماڻھن جا نالا لسٽ ۾ شامل ڪيا ويندا
خير محمد آريجا ( رپورٽ اشفاق بخاري )