ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه 20 رپين جي نئين ڪرنسي نوٽ تي اعتراض واريندي اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکي ڇڏيو.
ڪرنسي نوٽ تان موهن جي دڙي جي تصوير هٽائڻ جي معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي لکيل خط ۾ ذوالفقار علي شاهه چيو ته 10 رپين جي نوٽ تي 1970 ۾ موهن جي دڙي جي تصوير موجود هئي، پوءِ 20 رپين جي نوٽ تي موهن جي دڙي جي تصوير لڳائي وئي، هاڻ علم ۾ آيو آهي ته 20 رپين جي نوٽ تان موهن جي دڙي جي تصوير هٽائي بابت خيبر جي تصوير لڳائي وئي آهي.
ثقافت ۽ سياحت واري وزير چيو ته موهن جو دڙو رڳو تاريخي نه پر يونيسڪو طرفان ورلڊ هيريٽيج سائيٽ آهي، موهن جو دڙو 5 هزار سال پراڻي تاريخي تهذيب جو وارث آهي، موهن جي دڙي جو ڪرنسي نوٽ تي هجڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته نئين نوٽن تي سنڌ ۽ پاڪستان جي ان شاندار ثقافت کي نظرانداز ڪرڻ درست عمل نه هوندو، اميد ته ان معاملي تي غور ڪيو ويندو.
20 رپين جي ڪرنسي نوٽ تان ”موهن جو دڙو“ هٽائڻ تي سنڌ حڪومت جو سخت ردعمل
Previous Articleسون اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، وڌيڪ مهانگو ٿي ويو