مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) مٽياري ضلعي جي بااثر سياسي شخصيت پيپلزپارٽي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مونکي مخدوم هائوس ڊفينس ڪراچي واري علائقي مان پوليس گرفتار نه ڪيو هو، اها دشمنن جي ڪوڙي بيان بازي آهي، جيڪي مونکي ناڪام ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته مونکي گرفتار نه ڪيو ويو هو، آءِ ايس آءِ سميت ايجنسين وارن مونکي گهرايو هو، جن پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو، سوشل ميڊيا تي ڏنل اهڙي بيان جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سيد ممتاز شاهه تصديق ڪئي ته مونکي ايجنسين گهرايو هو جن ڪجهه پڇا ڳاڇا ڪئي پوءِ ڇڏي ڏنو باقي منهنجا مخالف منهنجي گرفتاري تي اجايو دهل وڄائي رهيا آهن، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سيد ممتاز علي شاھ جي گرفتاري جي تصديق سندس ڀاءُ ۽ ٻين ئي ڪئي هئي ته کيس ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.