رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائسنز ڪيمسٽري جي نوبيل انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪيمسٽري جي شعبي ۾ 2024 جو نوبيل انعام 3 سائنسدانن کي گڏيل طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ ڊيوڊ بيڪر، گوگل ڊيپ مائنڊ جي برطانيا سان واسطو رکندڙ سائنسدانن Demis Hassabis ۽ جان ايم جمپر کي اهو اعزاز زندگي جو بنياد سمجهئي ويندڙ پروٽينز جي اسٽرڪچر تي ڪيل ڪم تي ڏنو ويو آهي.
رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز موجب ڪيمسٽري جو اڌ نوبيل انعام ڊيوڊ بيڪر کي ڪمپيوٽيشنل پروٽين ڊيزائن، جڏهن ته باقي اڌ انعام گوگل ڊيپ مائنڊ جي ماهرن کي پروٽين اسٽرڪچر جي اڳڪٿي تي ڏنو ويو آهي.
انهن سائنسدانن پروٽينز جا راز ڪمپيوٽنگ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي دريافت ڪيا.
بيان ۾ چيو ويو ته گوگل ڊيپ مائنڊ جي ماهرن اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان انهن سڀني پروٽينز جي اسٽرڪچر جي اڳڪٿي ڪئي، جن بابت اسان ڄاڻيندا آهيون، جڏهن ته ڊيوڊ بيڪر اهو ڄاڻيو ته ڪهڙا پروٽينز زندگي جو بنياد آهن ۽ ڪيئن نواز پروٽينز تيار ڪري سگهجن ٿا.
رائل ڪميٽي موجب ٽنهي سائنسدانن جون دريافتيون تمام اهم آهن، ڇو ته ان جي مدد سان ويڪسينز کي تيز رفتاري سان تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي، جڏهن ته ماحول دوست ڪيميڪل انڊسٽري جو قيام عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو.
نوبيل انعام سان گڏ 11 لک ڊالرن جي انعامي رقم به ٽنهي سائنسدانن ۾ ورهائي ويندي.
ڪيمسٽري جو نوبيل انعام پروٽينز تي ڪم ڪندڙ 3 سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان
Previous Articleسنڌ رواداري مارچ لاءِ دعوتن جو سلسلو جاري