ڪوٽڙي ڪبير رپورٽر عبدالرزاق لاشاري
ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان ڳوٺ وليداد مري جا رھواسي مردن عورتن ٻارڙن قران پاڪ کڻي احتجاج ڪيو جڏهن ته احتجاج ڪندڙ غلام حسين مري ذولفقار حسين مري ميڊيا وارن کي دانھيندي چيو ته اسان جي نياڻي جيڪا اسان احسان مري سان شادي ڪرائي ھئي جنهن کي ٻ ٻار به آھن پر احسان مري طاھر مري انتظار مري پاڻ م گڏجي اسان جي نياڻي جي مٿان تمام گھڻو تشدد ڪن ٿا ۽ اسان جي نياڻي کي وٺي اسان جي گھر جي سامھون ان تي تشدد ڪندا رھيا جڏهن ته اسان پنهنجي نياڻي کي ڇڏائڻ وياسين ته انهن اسان جي مٿان تشدد ڪيو ۽ منهنجي نياڻي کي گھر ۾ ڪا به شي نه ڏيندا آهن ھر شي اسان پنهنجي نياڻي کي پاڻ ڏيندا آھيون پر پوء ھي روزاني جي بنياد تي ھي تشدد ڪن ٿا ۽ اھا شڪايت مان پنهنجي برادريَ جي معزز ماڻهن سان به ڪئي پر ڪير به اسان غريبن مسڪنين جو ٻڌڻ وارو ڪونھي ۽ مان خانواھڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ته ايس ايڇ او صاحب اين سي جا به پنج ھزار وتا ڪجھ ٽائيم انهن کي گرفتار ڪري ڳري رشوت وٺي انهن کي آزاد ڪري منهنجي پٽ کي گرفتار ڪري ڇڏيو ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ظلم به اسان جي نياڻي سان اين سي به اسان داخل ڪرائي پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اسان کي گرفتار ڪري ٿي اسان, آء جي سنڌ , ڊي آء جي شھيد بينظير آباد, ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ھن قران پاڪ جي صدقي منهنجي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي اسان جو خدا کانسواء ڪو سھارو ڪونهي