اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر ذخيرو ڪندڙن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ۽ ڊالر خريد ڪندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
حڪومت ڊالر ذخيرو ڪندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪري انهن جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڊالر لڪائي رکندڙن خلاف پڪڙ سخت ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، فنانشنل مانيٽرنگ يونٽ ۽ ايڪسچينج ڪمپنين جي مدد سان ان حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي.
ذخيرو ڪندڙ سرڪاري آفيسرن، سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن ۾ به هٿ وڌو ويندو.
حڪومت ڊالر گهرن ۾ لڪائيندڙن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي ۽ ذخيرو ڪندڙن جي گهرن ۽ نجي ملڪيتن تي ڇاپا هنيا ويندا.
Previous Article”ايڏو بل ڪير ڀري“ والدين تازي ڄاول ٻار کي اسپتال ڇڏي فرار
Next Article ڪنڌڪوٽ پوليس گم ٿيل ٻارڙي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏي