ڪنڊيارو(رپورٽ: سومر گهانگهرو )ڪنڊيارو ۾ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قوم پرست پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو،جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز شاهه ڀاڏائي، پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾ ڌرڻو ھنيو ويو.
ڌرڻي سبب اندرون ملڪ هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي،ڌرڻي موقعي تي ڪنڊيارو جي مغوي فرحان اڄڻ سميت سنڌ جي مختلف شھرن مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ نعري بازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي رياض چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سنڌ ۾ اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي انڊسٽري لڳائي وئي آهي،ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور سميت سنڌ جي مختلف شھرن مان سنڌي ڀائرن کي اغوا ڪري خوف واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آھي،هٿرادو مهانگائي ڪري عوام کي واپارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،سنڌ جون حالتون هٿ سان خراب ڪيون ويون آهن، قبيلائي ۽ برادرين جا پاڻ ۾ جهيڙا ۽ ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آڻي امن کي خراب ڪرڻ سان گڏ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
اڳواڻن جو اهو به چيو ته راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل شهيد فاطمه جو واقعو انسانيت لاءِ لڱ ڪارائيندڙ ۽ انتهائي شرمناڪ واقعو آهي،ان واقعي جي ذميوار مک ڪردارن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻي شھيد فاطمه جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.