ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موسم مٽجڻ کانپوءِ مختلف قسم جون بيماريون پکڙجڻ لڳيون.
ڪراچي ۾ مختلف قسم جا مڇر شهر ۾ مليريا، ڊينگي ۽ چڪن گونيا جهڙن وبائي مرض پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.
سرڪاري اسپتالن ۾ روزاني بنيادن تي وائرل انفيڪشنز جا اڍائي سئو تائين ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جن ۾ مليريا، ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي علامتن واري مريضن جو انگ پنجاهه کان مٿي آهي.
صحت واري کاتي موجب، ڪراچي ۾ هلندڙ سال هنيئر تائين ڊينگي جا هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي، مليريا جا ڏيڍ هزار جڏهن ته چڪن گونيا جا ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.
ٻئي پاسي صحت واري کاتي موجب، ضلعي ٽيمون شهر جي مختلف علائقن ۾ اسپري مهم انجام ڏئي رهيون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته وائرل انفيڪشنز جي روڪٿام لاءِ ضرروي آهي ته ماسڪ جو استعمال لازمي ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ڀرپاسي صفائي سٿرائي جو به خاص خيال رکيو وڃي ته جيئن بيمارين کان ڪنهن حد تائين بچي سگهجي.
ڪراچي ۾ مختلف بيماريون ڪر کڻڻ لڳيون، وائرل انفيڪشنز جا سوين ڪيس رپورٽ
Previous Articleحڪومتي سسٽم هلندو پر….! منظور وساڻ جي وڏي اڳڪٿي
Next Article سنڌ ۾ مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري