ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات قائد آباد ۾ 8.5 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب ڪورنگي ۾ 5.6 ملي ميٽر، گڊاپ ۾ 3.4، اورنگي ٽائون ۾ 3.2 ملي ميٽر، جڏهن ته ميٽ ڪمپليڪس ۾ 2.6 ملي ميٽر، گلشن حديد ۽ سرجاني ٽائون ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب وچولي ضلعي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ 1.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سڀ کان گھٽ برسات ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾ 1 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.