ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته هوا ۾ گهڻي گهم سبب گرمي پد جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي، ٻه کان ٽي ڏينهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ۽ خشڪ هوائون گهلي سگهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته نومبر جي وچ کان صبح ۽ رات جو ٿڌ جي شروعات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هلندڙ سال ٿڌ معمول موجب رهندي.
Previous Articleرپيو مضبوط، ڊالر ڪمزور ٿي ويو
Next Article چولستان ڪينال تي سنڌ جا سخت اعتراض آھن:سسئي پليجو