ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس خيابان سحر جي ريسٽورينٽ ۾ ٻن ڪٽنبن ۾ ڪرسي جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو.
واقعي کانپوءِ هڪ ڌر طرفان ٻي ڌر خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، شاهد لاشاري بلوچ جي فرياد تي درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ چيو ويو ته هو بينڪ ۾ ڪم ڪري ٿو، ٽيبل تان ڪرسي کڻڻ تان ٻي ڌر جي عورتن سالي کي ڌڪا ڏنا ۽ گاريون ڏنيون ۽ ڪٽڪو ڏنو.
پوليس معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرائي ڇڏيو.