ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ڇوڪريءَ سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب ڪارساز روڊ تي عورت کان گاڏي بي قابو ٿي ٻين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي 20 ورهين جي ڇوڪري ۽ 60 ورهين جو پيرسن فوت ٿي ويا.
پوليس موجب حادثي جي ذميوار عورت کي بهادرآباد ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، عورت جي ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.
پوليس ٻڌايو ته حادثي وقت عورت سان گڏ سندس مڙس به موجود هو.
Next Article رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو مُلهه گهٽجي ويو