ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ايئرپورٽ جي سگنل ويجهو ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، اختيارين 9 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
جاچ اختيارين موجب، واقعي واري هنڌ تان مليل ثبوت فارنزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن ۽ جاچ دوران شڪ جي بنياد تي عورت سميت 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ جي جيو فينسنگ به مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ڇهن شڪي نمبرن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي جڏهن ته آپگهاتي حملي آور وٽ حملي وقت موبائيل فون نه هئي.
اختيارين موجب، ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيءَ جو روٽ به ملي ويو آهي، حملي آور ڌماڪي کان اڳ به ايئرپورٽ سگنل وٽان گذريو هو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته حملي ۾ متاثر 16 گاڏين جا مڪمل تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن، ڪرائيم سين کي جلد ڪليئر ڪيو ويندو، جڏهن ته حملي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته 6 آڪٽوبر جي رات ڪراچي ايئرپورٽ جي ويجهو پرڏيهين جي قافلي تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ٻن چيني شهرين سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا هئا.