ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻارن ۾ نمونيا جو مرض وڌڻ لڳو.
ٻارن جي مرضن بابت اداري جي ايمرجنسي انچارج موجب روز نموناي جا 30 ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سول اسپتال ۾ روز 10 کان 15 ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.
هوڏانهن پاڪستان پيڊرياٽرڪس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد شفيع چيو ته آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ نمونيا جا ڪيس وڌي ويندا آهن، نمونيا جي ڪجهه قسمن جي ويڪسينيشن موجود آهي.
هن ٻڌايو ته نمونيا جي علامتن ۾ کنگهه سان سائو، پيلو يا ڳاڙهو بلغم نڪرڻ، بخار، پگهر اچڻ، ٿڌ لڳڻ، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، ڊگهو ساهه کڻڻ ۽ کنگهه سان سيني ۾ تڪيلف شامل آهن.
Previous Articleنجي ايئرلائن جي جده کان ڪراچي ايندڙ اڏام وڏي حادثي کان بچي وئي