ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر اندر قائم سڀني انٽر سٽي بس اڏن کي ختم ڪري سپر هاءِ وي منتقل ڪيو ويو آهي.
اهڙي آگاهي ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي کي سندس آفيس ۾ انٽر سٽي بس اڏن جي سپر هاءِ وي منتقلي جي فيصلي تي عملدرآمد جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڏني وئي.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، سڀني ڊپٽي ڪمشنرن، سيڪريٽري پراونشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته مختلف جاين تان انٽر سٽي بس اڏن کي ختم ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڊپٽي ڪمشنرن چيو ته شهر اندر غير قانوني بس اڏن جي خاتمي سان ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿي آهي.
پراونشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 267 انٽر سٽي بسون غير قانوني طور هلي رهيون هيون، انهن خلاف ڪارروائي ڪري 8 لک 30 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته 35 بسون قبضي ۾ ورتيون ويون ۽ خاطري کانپوءِ ڇڏيون ويون ته اهي شهر اندر نه هلنديون، کين تنبيهه ڪئي وئي آهي ته حڪومتي فيصلي جي ڀڃڪڙي تي پرمٽ رد ڪئي ويندي، جڏهن ته سپر هاءِ وي لاءِ مفت شٽل سروس فراهم ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي شهر اندر قائم سمورن انٽر سٽي بس اڏن کي ختم ڪيو ويو
Next Article رپئي جي اگهه ۾ واڌ، ڊالر سستو ٿي ويو