ڪراچي ملير بن قاسم ٽائون مان ٻن ڏينهن کان گم 6 ورهين جي ٻارڙي فريحه جو نالي ڀرسان لاش هٿ آيو آهي.
ٻارڙيءَ جي گمشدگي جو ڪيس بن قاسم ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو آهي.
اسپتال ٻاهران ٻارڙي جي چاچي بهرام خان صحافين سان ڳالهائيندي عدليا ۽ پوليس کي انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي ٻارڙي کي سومر جي صبح کنيو ويو هو، هٿ پير ٻڌي زيادتي ڪري ماريو ويو، اسان کي انصاف ڏنو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ٻارڙي جو پيءُ ڊرائيور آهي، اسان مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آهيون.