نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر غازي آباد ۾ ڪتي جي چڪڻ سبب 14 ورهين جو ٻالڪ فوت ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب نينگر کي هڪ مهينو اڳ ڪتي چڪيو هو پر مبينا طور تي هن پنهنجي والدين کي نه ٻڌايو جنهن جي سڃاڻپ سبيز نالي سان ٿي آهي.
نوجوان جي پاڙي ۾ هڪ عورت ڪتن کي پالي ٿي ۽ پاڙي ۾ پنج ڇهه ڪتا آهن.
ٻالڪ کي انهن ڪتن مان هڪ چڪي وڌو پر هن خوف سبب وارثن کي ڳالهه نه ڪئي ۽ بعد ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿيون.
گهرڀاتين جو چوڻ هو ته جڏهن علامتون ظاهر ٿيون ٻالڪ کي پاڻي ۽ اونداهه کان ڊپ ٿيندو هو ۽ دانهون ڪندو هو.
نينگر کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ علاج لاءِ ٻئي شهر به نيو ويو پر هن دم ڏئي ڇڏيو.
نوجوان جي گهرڀاتين واقعي تي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.