ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پنجاب جيان سنڌ ۾ بجلي سستي ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ حڪومت کي به پنجاب جيان پنهنجي صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، وڏو وزير پنجاب جيان عوام کي 14 رپيا في يونٽ رليف ڏئي.
هن چيو سنڌ جي عوام کي رليف نه مليو ته احساس محرومي پيدا ٿيندو، سنڌ حڪومت کي خط لکي رهيو آهيان ته بجلي سستي ڪرڻ لاءِ فنڊ رکي.
Previous Articleسکر ۾ سڀ کان وڌيڪ مينهن