ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) سنڌ حڪومت ڏنل مهلت باوجود ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ڏيڻ بابت نوٽيفڪيشن جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام، سنڌ هاءِ ڪورٽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ سياحت واري سيڪريٽري کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي بند ڪري ڪارونجھر جبل کي عالمي ورثو قرار ڏيڻ واري پٽيشن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت پاران گذريل ٻڌڻي تي ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري 9 سيپٽمبر 2024 تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان باوجود نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي عدالت ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪيو ته ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پيش ڪريو، ان دوران سنڌحڪومت پاران ايندڙ ٻڌڻي تائين مهلت جي درخواست پيش ڪئي وئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي، نوٽيفيڪيشن پيش نه ڪرڻ تي عدالت سرڪار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ ڪلاڪ اندر نوٽيفڪيشن جمع ڪرائڻ ۽ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو، ان دوران پٽيشنر وڪيل شنڪر ميگھواڙ پاران عدالتي حُڪم باوجود نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه ۽ سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت خير محمد ڪلوڙ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخوست جمع ڪرائي وئي، هڪ ڪلاڪ گذرڻ بعد عدالت نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ لاءِ سرڪار کي ٻيهر اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته اڌ ڪلاڪ وڌيڪ ڏئي رهيا آهيون، نوٽيفڪيشن جمع ڪرايو وڃي يا وري توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار رهو. جنهن بعد عدالت توهين عدالت واري درخواست منظور ڪندي ڪارونجھر ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ ۽ سيڪريٽري سياحت ثقافت خير محمد ڪلوڙ کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 16سيپٽمبر ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻي پاسي پٽيشنر وڪيل شنڪر ميگھواڙ موجب عدالت سرڪار پاران فائنل نوٽيس باوجود نوٽيفڪيشن پيش نه ڪرڻ تي سخت رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت نوٽيفڪيشن ڏيو، ڪاميٽي ڪاميٽي واري راند کيڏڻ بند ڪئي وڃي، ڏنل وقت باوجود نوٽيفڪيشن جمع نه ڪرائڻ تي عدالت منهنجي ڏنل توهين عدالت واري درخواست منظور ڪندي ڪارونجھر ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ ۽ سيڪريٽري سياحت ثقافت خير محمد ڪلوڙ کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ 16 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حُڪم ڏنو ۽ چيو ته سندن خلاف توهين عدالت جي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي، ايندڙ ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي ٻنهي خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حُڪم ڏنو آهي.