مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڪارونجهر جو پٿر ۽ عڪس تصوير بڻجي ويا، زوم ڪري ڏسڻ سان شڪل ٺهي وئي. هزارين سال پُراڻي ڪارونجهر تي تحقيق ڪرڻ سان ڪيئي مثال سامهون اچي سگهن ٿا، ڪارونجهر هڪ پهاڙ نه پر تهذيب آهي جيڪا پٿر بڻجي وئي هجي،جبل جي پٿرن کي ڏسجي ته هُو مختلف شڪلن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا،اُن سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي نوجوان ڦوٽو گرافر دليپ پرما پاران ڪارونجهر ڦوٽوگرافي ذريعي وڏي محنت ڪري جبل جي خوبصورتي سميت لڪيل سونهن کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي،جنهن جي محنت سان هن وقت جبل تي پٿرن جي صورت ۾ ڪيئي شڪلون نظر اچن ٿيون، اُنهي سلسلي ۾ ڪارونجهر جي چوٽي طرف ويندڙ جبل جي پٿرن ڀرسان بيٺل پاڻي ۽ پٿر کي ملائي زوم ڪري ڏسڻ سان هڪ شڪل ٺهي وئي آهي،ڄاڻايل تصوير کي غور سان ڏسڻ جي صورت ۾ هڪ شڪل نظر اچي ٿي ۽ پنهنجي سمارٽ فون کي آڏو(روٽيٽ)ڪري ڏسڻ سان پٿر ۽ پاڻي نظر اچي ٿو،موبائيل سڌو ڪري ڏسڻ سان شڪل ٺهي وڃي ٿي،پٿر ۽ پاڻي گڏجي ڪري هڪ تصوير بڻجي ويا آهن،جيڪو هن سوشل ميڊيا جي وائرل ٿيل آهي.