ميرپورخاص/ مٺي(نمائندا) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ کارسر سميت سموري ڪارونجهر کي محفوظ علائقي قرار ڏيندي جبل جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ثقافت کاتي پاران ڪارونجھر جبل جي رڳو 21 ھزار ايڪڙن واري ايراضيءَ کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت کارسر سميت سموري ڪارونجھر جبل کي ھڪ جابلو سلسلو قرار ڏيندي ان کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ثقافت جي سيڪريٽري سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجھر جبل جي سموري رينج کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جمع نھ ڪرايو جنهن تي عدالت طرفان کيس توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو ويو هو، ثقافت جي سيڪريٽري کي ڏنل توھين عدالت جي نوٽيس کان پوءِ ثقافت کاتي پاران ڪارونجھر جبل جي رڳو 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل مک باڊيءَ کي محفوظ ورثو قرار ڏنو ويو، اھڙي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست داخل ڪندڙ وڪيل شنڪر ميگھواڙ عدالت ۾ اعتراض داخل ڪيو تھ ڪارونجھر جبل رڳو 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل ناھي پر اھو اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آھي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ کارسر سميت سموري ڪارونجهر کي محفوظ علائقي قرار ڏيندي جبل جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي ڇڏي.