ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح اسپتال جي نفسياتي ماهر ڪارساز ٽريفڪ حادثي ڪيس ۾ نامزد عورت جي دماغي حالت درست قرار ڏئي ڇڏي.
جناح اسپتال جي نفسياتي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر چني لال چيو ته 19 آگسٽ تي جوابدار عورت کي جناح اسپتال آندو ويو هو، ان وقت سندس حالت ٺيڪ نه هئي.
نفسياتي ماهر موجب عورت جي گهرڀاتين ٻڌايو ته هوءَ ذهني مريضن آهي پر ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو، جوابدار عورت جي ذهني حالت بلڪل ٺيڪ آهي.
هن چيو ته جوابدار عورت اسپتال ۾ پاڻ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، تنهن ڪري هاڻ کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي.
ڪارساز حادثو، نفسياتي ماهر جوابدار عورت جي حالت درست قرار ڏئي ڇڏي، اسپتال مان فارغ
Previous Articleڪارساز حادثو، جوابدار عورت کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو