ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي ۾ نوجوان مارجي ويو.
ڏهرڪي جي جيوڻ ڪوڀر ۾ ڪوڀر برادري ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان فرمان علي ڪوڀر مارجي ويو.
مارجي ويل نوجوان جي وارثن لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جتي ڊي ايس پي اوٻاوڙو پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو