ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي رٿ منظور ڪري ورتي، مهاجر لفظ تي ايم ڪيو ايم پاران گوڙ ڪيو ويو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبرس ڊي جي موقعي تي غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي بابت التوا جي تحريڪ پيپلزپارٽي جي ميمبر ھير اسماعيل سوھو پيش ڪئي، جنهن تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران گرما گرم بحث دوران پيپلزپارٽي ميمبر پاران لفظ مھاجر جي استعمال تي ايوان ۾ گوڙ مچي ويو، بحث ۾ حصو وٺندي مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جڏھن به غير قانوني پرڏيهين جو ڪو معاملو اچي ٿو ته اھو سمجھيو ٿو وڃي ته ھڪ مخصوص طبقي ۽ ھڪ مخصوص علائقي جي ڳالھه ڪئي ٿي وڃي، جيڪي ھن ملڪ جا قانوني طور تي رھائش پذير آھن، انھن خلاف ناھي پر سڀني کي گڏجي ھي مطالبو ڪرڻ گھرجي ته غير قانوني پرڏيهين کي بيدخل ڪيو وڃي، اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ھو ھير سوھو جي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، اسان ڪنھن جي خلاف ناھيون جيڪي ماڻھو بارڊر ڪراس ڪري اچن ٿا انھن وٽ ڪوبه رڪارڊ ناھي اھي غير قانوني آھن ۽ دنيا جو ڪوبه ملڪ غيرقانوني رھندڙن کي رھائڻ لاءِ تيار ناھي، ھن چيو ته سنڌ سدائين فراخدلي جو مظاھرو ڪري مهاجرن جي آجيان ڪئي آھي، پر ڪنھن کي به طاقت ناھي جو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري سگهي، غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي،جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته جن پاڪستانين ٻه ڀيرا ھجرت ڪئي انھن کي غير ملڪي ڪيئن تسليم ڪريون، بنگلاديش ۾ ترسيل بھارين کي عزت سان وطن واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، ھن چيو ته جن پرڏيھن وٽ شناخت ڪارڊ ناھن انھن کي واپس اماڻيو.پيپلزپارٽي جي تنزيلا قمبراڻي چيو ته اڻ رجسٽرڊ ماڻھن پاڪستان ۽ سنڌ تي بار آھن، ھي اسان جو ملڪ آھي، ايم ڪيو ايم جي اعجازالحق چيو ته اسان لڏپلاڻ جي وقت پنهنجي حصي جو پاڪستان پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئاسين، وقت جي ضرورت آھي ته غير قانوني پرڏيھين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ھن وقت معاشي بحران جو شڪار آھي، ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو، ھن چيو ته افغان شھري ڏوھن جي وارداتن ۾ ملوث آھن، بلقيس مختيار چيو ته ھير سوھو جيڪا تحريڪ پيش ڪئي آھي ان جي حمايت ڪريون ٿا پر ڪجھه پسمنظر ڏسڻ جي ضرورت آھي، اسان 22 لک خاندانن جون قربانيون ڏئي پاڪستان ٺاھيو، ھڪ طرف اھي به پرڏيھي آھن جيڪي ملڪ ۾ آباد آھن ۽ پاڪستان خلاف نعرا ھڻن ٿا، جھنڊا ساڙن ٿا، لينڊ مافيا، ڊرگ مافيا بڻجي ويا آهن،پيپلزپارٽي جي شام سندر آڏواڻي چيو ته غير قانوني ماڻھن جي روڪٿام ٿيڻ گھرجي، انھن کي ڪڍڻ ضروري آھي، پارلياماني معاملن جي وزير ضياءِ الحسن لنجار چيو ته جنھن وٽ پاڪستان جي سڃاڻپ ناھي انھن کي غير قانوني سمجھيو ويندو، پاڪستاني حڪومت ان تي ڪم ڪري رھي آھي، ھن چيو ته سنڌ ۾ پھريائن ئي مسئلا گھڻا آھن، غيرقانوني پرڏيھين جو بار نٿا کڻي سگھون، ھير سوھو چيو ته ھي سنجيده معاملو آهي، توھان کي ٽيڪس نٿو ملي توھان سم بلاڪ ڪري ڇڏيو ٿا، انھن جي جڏھن مرضي پئي ٿي ته ھو جھنڊي جي بي حرمتي ڪن ٿا، ايم پي اي محمد دانيال چيو ته افغاني 80 واري ڏهاڪي ۾ ھتي آيا آھن، افغانين جو اشو کي پورو ملڪ منهن ڏئي رهيو آهي،پيپلز پارٽي جي ماروي راشدي چيو ته نادرا غير قانوني مھاجرن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ٿو، مهاجر لفظ چوڻ تي ماروي راشدي جي تقرير دوران مخالف ڌر پاران سخت گوڙ ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن احتجاج ڪيو، ماروي راشدي چيو ته مخالف ڌر جو ھي روز جو معمول آھي، ھنن کي سستي شھرت گھرجي، مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڪنھن جي پڇ تي لت رکي آھي، مون غير قانوني مھاجرن جي ڳالھه ڪئي آھي، ڪنھن به غير قانوني ماڻھو کي صوبي ۾ رھڻ جي اجازت نه ھجڻ گھرجي.اپوزيشن جي گوڙ بعد اسپيڪر، ماروي راشدي جا جملا ايوان جي ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيا، غير قانوني پرڏيهين جي معاملي تي ڊگهي بحث کانپوءِ رٿ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اجلاس 6 سيپٽمبر جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو.