ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت ايس بي سي اي طرفان ضلعي ڏکڻ ۾ عمارت کي خطرناڪ قرار ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ڊي جي ايس بي سي اي کي ڊي جي طور ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته سندس اختيار 10 ڏينهن لاءِ معطل رهندا.
هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته اٿارٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي عمل نه ڪيو ويو، جڏهن اٿارٽي ئي ناهي ٺاهي وئي ته ڊي جي ايس بي سي اي ڇا ڪندو؟
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته بلڊنگ جي ملڪيت بابت ڪيس سول ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي جيستائين ملڪيت جو فيصلو نٿو ٿئي ايس بي سي اي کي بلڊنگ ڪيرائڻ کان روڪيو وڃي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي