ڀارت جي روڊن تي تقريبن 20 سالن تائين ٽرڪ هلائيندڙ راجيش راواڻي يوٽيوب مان ماهوار 10 لک رپيا ڪمائڻ لڳو، جنهن جي ڪهاڻي اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب راجش کي کاڌو پچائڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ هن سوچيو ته ڇو نه شوق مان پئسا ڪمايا وڃن، تنهن ڪري هن يوٽيوب چئنل ٺاهي ورتو، جنهن تي هو پنهنجون کاڌو پچائڻ جون وڊيوز شيئر ڪندو آهي.
راجيش جي يوٽيوب تي 1.86 ملين سبسڪرائبر آهن ۽ هو آمدني مان پنهنجو نئون گهر به ٺاهي رهيو آهي.
تازي انٽرويو دوران راجيش ٻڌايو ته هو ٽرڪ هلائي ماهوار 25 کان 35 هزار ڪمائيندو هو پر هاڻ ويوز جي حساب سان 4 کان 5 لک ماهوار ڪمائيندو آهي، هڪ مهيني ۾ هو 10 لک به ڪمائي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان يوٽيوب هلائڻ سان گڏ ڊرائيوري به ڪري رهيو آهيان.
Previous Articleشيخ حسينا واجد خلاف قتل جو هڪ ٻيو ڪيس داخل