ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست اولهه بنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا ۾ ٽريني ڊاڪٽر کي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ڊاڪٽر احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ ڊاڪٽر ڪم ڇڏ هڙتال تي آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انڊين ميڊيڪل ايسوسيئيشن هڪ بيان ۾ چيو ته ڇنڇر جي صبح 6 وڳي هڙتال شروع ٿي، ڊاڪٽرن او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي ڊيوٽيز لاءِ ڊاڪٽرن کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڪولڪتا ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ ۽ ڊائيگناسٽڪ سينٽر به وڏي انگ ۾ بند آهن جڏهن ته رياست اتر پرديش جي شهر لکنئو، گجرات جي شهر احمد آباد، آسام جي شهر گوهاٽي ۽ تمل ناڊو جي شهر چنائي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به ڊاڪٽر احتجاج ڪري رهيا آهن.
اسپتالن جي شٽ ڊائون کي ويجهڙائي واري عرصي ۾ ڀارت ۾ ڊاڪٽرن جي سڀ کان وڏي هڙتال قرار ڏنو پيو وڃي، ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
واضح رهي ته گذريل هفتي ڪولڪتا جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ 31 ورهين جي ٽريني عورت ڊاڪٽر کي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪيو ويو جنهن خلاف ڊاڪٽر ۽ سول سوسائيٽي جا نمائندا ملڪ گير احتجاج ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پوليس جي وڏي نفري آر جي ڪر ميڊيڪل ڪاليج ٻاهران مقرر ڪئي وئي آهي، آر جي ڪر ڪاليج اِها ئي اسپتال آهي جتي عورت ٽريني ڊاڪٽر جي لڄالپ کانپوءِ قتل وارو واقعو پيش آيو هو.
ٻئي پاسي اولهه بنگال جي وزيراعليٰ ممتا بئنرجي احتجاج جي حمايت ڪئي آهي ۽ چيو ته واقعي جي جلد جاچ مڪمل ڪري ملوث ڏوهارين کي سخت سزائون ڏنيون وينديون.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڊاڪٽرن طرفان پنج مطالبا پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن تي حملن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ شامل آهي.
ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو آهي ته اسپتالن کي سيف زون قرار ڏئي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڊاڪٽرن جي ڪم واري جاءِ ۽ رهائش گاهه تي سندن تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
ڊاڪٽرن اِهو مطالبو ڪيو ته ڪولڪتا ۾ عورت ٽريني ڊاڪٽر جي ريپ ۽ قتل جي شفاف جاچ جلد مڪمل ڪندي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ متاثر ڪٽنب کي مناسب معاوضو ادا ڪيو وڃي.