واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پنهنجي چيني هم منصب کي خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين جي جنگ ۾ روس جي مدد ڪرڻ تي نتيجا ڀوڳڻا پوندا
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ميونخ ۾ جاري عالمي سلامتي ڪانفرنس جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير جي چيني هم منصب وانگ زي وچ ۾ هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي
سينيئر آمريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جارحاڻي انداز ۾ چيني هم منصب کي يوڪرين جنگ ۾ روس کي مٽيريل سپورٽ فراهم ڪرڻ جي نتيجن کان آگاهه ڪيو
ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته وٽن ڄاڻ آهي ته چين روس کي فوجي امداد فراهم ڪري رهيو آهي
ٻئي طرف چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي يوڪرين جنگ تي پنهنجي رد عمل ۾ ڳالهين ذريعي جنگ جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ يورپي ملڪن کي ٿڌي دماغ سان سوچڻ جو مشورو ڏنو
نه چونڊن جي تاريخ ڏئي سگهون ٿا نه ئي مشاورت ڪري سگهون ٿا: اليڪشن ڪميشن جو صدر کي خط