بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي اتر علائقن ۾ تيز برساتن سان ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي.
چيني صوبي ليائوننگ جي شهر دالين ۾ طوفاني برسات سان روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، روڊن تي پاڻي جي تيز وهڪري ۾ گاڏيون وهي ويون، جڏهن ته برسات سان مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
موسميات کاتي موجب دالين ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 30 کان 40 ملي ميٽر مينهن وسيو، وڌيڪ برساتن کي ڏسندي اختيارين شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
چين جي اتر علائقن ۾ طوفان برساتون، ٻه ڄڻا فوت، ٻوڏ جي صورتحال
Previous Articleايلون مسڪ، ٽرمپ جي ڪابينا ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي
Next Article برطانوي جيلون ڏوهارين سان ڀرجي ويون، گنجائش ختم