بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين طالبان جي عبوري حڪومت دوران افغانستان ۾ پنهنجو سفير مقرر ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو.
افغان ميڊيا موجب طالبان جي نائب ترجمان بلال ڪريمي جو چوڻ آهي ته چيني سفير زائوشينگ وزيراعظم ملا حسن اخوند کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪري ڇڏيون آهن.
هن ٻڌايو ته وزيراعظم ملا حسن اخوند سفارتي تقريب ۾ چيني سفير جي سندن کي قبول ڪيو.
افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ اها ڪنهن به ملڪ جي سفير جي پهرين مقرري آهي، 2021ع ۾ افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ هيل تائين ڪنهن به ملڪ طالبان حڪومت کي باضابطا تسليم ناهي ڪيو.
واضح رهي ته افغانستان ۾ 2019ع ۾ مقرر ڪيل چيني سفير جي ملازمت جو مدو گذريل مهيني ختم ٿي ويو هو.
ٻي پاسي چين ۾ افغان سفير جي مقرري تي چيني پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ چيني سفير جي مقرري معمول جو قدم آهي، سفير جي مقرري جو مقصد چين، افغان ڳالهين ۽ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته افغانستان بابت چين جي پاليسي واضح ۽ مستقل آهي.
چين افغانستان ۾ عبوري حڪومت دوران سفير مقرر ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو
Previous Articleاهي ماڻهو سڏجن ڪير؟ هر ڇَهين مهيني ملڪ مٽائيندڙ خطو
Next Article پُرتگال ۾ شراب جي ٻوڏ!