حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو سان قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. وفاقي حڪومت جي سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا. چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري ۾ تڙپي رھي آھي. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي؟ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بڻايو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آھن. پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق آھن.