ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو خبردار ڪندي چيو آھي ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن تي خاموش نٿا ويھي سگھون، پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، سنڌ جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رھيا آھن ته ٻئي پاسي ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ چولستان ڪينال ٺاھڻ جي ڳالهھ ڪئي پئي وڃي جيڪا سڌي سنئين دھشتگردي آھي. پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاليسي ٺاھيندڙ ۽ فيصلا ڪندڙن کان پڇڻ چاھيون ٿا ته ڇا اوھان کي ڳالھ سمجهھ ۾ نٿي اچي يا اوھان جو آئين پڙھيل ناھي يا وري بار بار آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ھاڻي عادي بڻجي ويا آھيو، ھي سڌي دھشتگردي آھي جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ھن چيو ته پاڻي جو مسئلو انتھائي اھم آھي، ٺٽو سجاول، بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ وڌيڪ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي. موسمي تبديلين سبب فرق پيو آھي، پر man made crises اھم سبب آھي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ پاڻي جا ذريعا ناھن، سڄو دارومدار ھڪڙي درياءَ جي پاڻي تي آھي، جيڪو به پورو ڪو نه پيو ملي، هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي رد ڪريون ٿا. پنجاب جا پروجيڪٽ آھن ڇهھ ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، رات پيٽ ۾ گڏجاڻيون پيون وڃن، سنڌ سراپا احتجاج آھي، چولستان ڪينال تي سنڌ جا سخت اعتراض آھن، اھو سنڌ جو پاڻي چورائڻ جو ھڪ نئون منصوبو آھي، چشما چئنال لاءِ چيو ويو ته فلڊ ڪئنال آھن پر ٻارھو ڪئنال وھايا پيا وڃن.