اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران ناڻي واري وزارت چار سئو يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ هنگامي پلان تيار ڪري ورتو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ رليف جو پلان هنگامي بنيادن تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ نگران حڪومت طرفان بجلي جي بلن ۾ 250 ارب رُپين جي رليف جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، نگران ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف اختيارين سان بجلي جي بلن ۾ رليف جي درخواست ڪئي آهي ۽ بجلي جي بلن جي ادائيگين ۾ سهولت ڏيڻ جي تجويز آءِ ايم ايف جي حوالي ڪئي آهي جنهن هر صارف کي بجلي جا بل قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي سهولت ڏين جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت طرفان بجلي جا چار سئو يونٽ استعمال ڪندڙ لاءِ رليف جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف راضپو ڏيکاريو ته ٻن مهينن لاءِ معاهدو ٿي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، آگسٽ ۽ سپٽيمبر جا بل قسمطن ۾ وٺڻ لاءِ ناڻي واري وزارت لکت ۾ گارنٽي ڏيندي ۽ بنيادي ٽيرف ۾ ست رُپيا واڌ واپس وٺي مرحليوار ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي يعني بجليءَ جا بنيادي يونٽ مرحليوار وڌايا ويندا.
ان کانسواءِ بجلي چوريءَ جي روڪٿام لاءِ به ايڪشن پلان ترتيب ڏنو پيو وڃي.